قاضي علي رضا

قاضي علي رضا: استاد، عالم ۽ ليکڪ قاضي علي رضا ولد قاضي علي محمد 1893ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. 1908ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ۽ بي. اي آنرس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1915ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ايم. اي (فارسي) ڪئي. 1916ع ۾ ائگريڪلچر سائنس ڪاليج، پوني مان گورنمينٽ جي خرچ تي ايل. ايل. بي ڪئي. 1927ع ڌاري ڊسٽرڪٽ لوڪل مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد مقرر ٿيو. جتي ترقي ڪندي 1930ع ۾ پرنسپال جي عھدي تي فائز ٿيو. ڪجهه عرصي بعد ان اسڪول مان استعيفيٰ ڏئي تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول (موجوده گورنمينٽ هاءِ اسڪول) ۾ نائب هيڊ ماستر ٿيو. جتان 1943ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ بعد پي. پي. سي گرلس هاءِ اسڪول، سکر ۾ فارسيءَ جي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو. پاڻ سنڌي ۽ فارسي سان گڏ سنسڪرت جو به سٺو ڄاڻو هو. سندس شاگردن ۾: آغا تاج محمد، ڊاڪٽر قاضي نبي بخش (اڳوڻو سيڪريٽري تعليمسيد پناهه علي شاهه (اڳوڻو سيڪريٽري تعليمسيد عبدالحسين شاهه موسوي، سيد عطا حسين شاهه ۽ جواد حسين شاهه جھڙيون علمي شخصيتون شامل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’جنيد ۽ شبلي‘ (1930ع) ۽ ’سيرت امام غزالي‘ (1931ع) شامل آهن. جڏهن ته تاريخ روهڙي (قلمي) ۽ سندس هڪ قلمي بياض، جيڪو جمعي ۽ عيد جي خطبن بابت منظوم نصيحتن ۽ نماز بابت منظوم ترغيبن ۽ بيتن تي مشتمل پونيرن وٽ موجود آهن. هن آڪٽوبر 1973ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ قاضي علي رضاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو